اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن جي خصوصي پئڪيج جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جا??ي بيان موجب انهن منصوبن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي جي لاء?? خصوصي عدالتن جو قي??م، اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن جو قي??م، ملڪ جي اعليٰ انتظاميا جي آفيسن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ هاٽ لائينز جو قي??م، سرڪاري رهائشي منصوبن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ڪوٽا، سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻارن جي ملڪ ۾ ۽ ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ وظيفا ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم ان موقعي تي تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.