اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته اسا?? جي مسئلن جو ح?? معاشي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ آهي، ملڪ جي معاشي ترق?? اسا?? جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. قومي ترقي بابت منهنجو تصور حصيداري سوچ سان جُڙيل آهي جنهن ۾ سموريون ڌريون پنهنجو حصو وجهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل سان ملاقاتن دوران واپاري برادري سان ڳالهه ٻولهه ۾ منهنجو پيغام اهو هو ته جيتوڻيڪ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها هڪ سازگار ماحول ۽ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري، پر ملڪ جي معاشي ترق?? اسا?? جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. واپار ۽ صنعت جي اڳواڻ هجڻ جي ناطي انهن کي ڪاروبار، جدت ۽ جرئتمداڻي سو?? جي ذريعي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ وسيع اقتصادي صلاحيت ک?? استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي 16 مهينن دوران معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، مالياتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فريم ورڪ تحت ا??تصادي تبديلي جي لاءِ سنگ بنياد رکڻ جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته اسا?? جي ڪاروباري برادري سنگين مشڪلات?? جي باوجود ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي چئلينجن کي منهن ڏيندي انه?? جي عزم ۽ حوصلي ت?? اسان کي فخر آهي.