اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، سياسي پارٽين تي حملي مان واضح آهي ته دش??ن پاڪستان ۾ جمهوري نظام خلاف آهن جنه?? جي ڪنهن ب?? صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. ذميوار?? جي نشاندهي ڪري انهن کي قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اسان جا محافظ دشم?? جي اهڙين بزدلاڻي هٿڪنڊن کي ڪڏهن ب?? ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. مون سميت پوري قوم واقعي ۾ شهيد?? جي پونئير?? جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ نه صرف مان ان سان تعزيت ڪئي پر واق??ي جي تفصيلن بابت ڄاڻ ورتي، مان وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان ب?? ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي تي رپورٽ سان گڏوگڏ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپتال ??هچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.