اسلام آباد ??? 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ??فد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاق??ت ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، ??فد آءِ ايم ايف سان معاهدي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ موجب ??فد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير س??دا?? اياز صادق به موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وزيراعظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. ??فد وزيراعظم کي ڪراچي ?? وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده جي ??فد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.