لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سا?? ٽيلي فونڪ رابط?? ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي ي??ين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت پنجاب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي مدد لاءِ حاضر آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ آب??دي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون. وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته پنجاب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سهڪار جي ي??ين ڌياني تي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.