اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خي??رپ??تونخواهه کي ترقي ۽ ا??ن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خي??رپ??تونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خي??رپ??تونخواهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمش??د محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خي??رپ??تونخواهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ خي??رپ??تونخواهه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خي??رپ??تونخواهه کي ترقي ۽ ا??ن جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خي??رپ??تونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خي??رپ??تونخواهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته خي??رپ??تونخواهه جي باصلاحيت نو??وانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خي??رپ??تونخواهه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ماڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.