اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي پيداوار ڊويزن جي ٻن جاري منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپ??ا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب دفاعي پيداوار ڊويزن جي گ??ادر ۾ شپ يارڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جاري اسڪيم لاءِ 100 ملين رپ??ا رکيا ويا آهن. ??هڙ?? طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپ??ا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپ??ا لڳايو ويو آهي جن مان 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپ??ا آهي.