اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم جي ڪوئيٽا جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ساڻس پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ??زي??اعظم شهباز شريف چيو ته قائد ميان محمد نواز شريف پاران توهان سڀني پارٽي اڳواڻن کي سلام ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز، حمزه شهباز ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت پاران بلوچستان جي مسلم ليگي ميمبرن جي لاءِ ني?? خواهشون پيش ڪريان ٿو. ??زي??اعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ئي هڪ هفتي دوران هي منهنجو بلوچستان جو ٻيو دورو آهي، ٻوڏ دوران بلوچستان جي عوام کي ترجيحي بنيادن تي مدد ۽ انهن جي بحالي يقيني بڻائي. هن چيو ته باصلاحيت افرادي قوت کي هڪ جهڙي ترقي جي موقعن ۽ روزگار جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندس، بلوچستان جي ماڻهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ??حن?? ڪري رهيو آهيان. ٻوڏ دوران مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي ميمبرن امدادي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. ٻوڏ متاثرين جي ڏکن تي مرهم رکڻ تي مون سميت پوري مرڪزي قيادت توهان سڀني جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.