اسلام آباد – 11 ?? مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ ملڪ جي موجوده صورتحال تي شديد پريش??ن آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳ??لڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن ک??ن آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالت??ن بهتر ٿينديون، آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.