اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) اسلام آب??د سميت ملڪ جي مختلف حصن ?? زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت ??يڪ??ر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ?? زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا اسلام آباد، آز??د ڪشمير، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري علائقي ۾ 180 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام آباد ?? زلزلي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت واري وف??قي وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ۽ اسپتال انتظاميه ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وف??قي وزير اين ڊي ايم اي سان به رابطي ۾ آهي.