اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار جي معاملي ت?? جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊونيشيا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ص??ر ڊاڪٽر عارف ع??وي انڊونيشيا جي صدر جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها دوست، اسلامي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر مل??ن معاشي ۽ واپاري لاڳ??پا وڌائڻ، واپارين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. صدر انڊونيشيا جي صدر کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار مل?? محمد آصف کي ڪاروباري معاملن ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ تي مدد فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو ويو آهي ت?? مل?? محمد آصف انڊونيشيا جي عملدارن کي پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته معاملو اڃا حل طلب آهي. ان کان اڳ مل?? محمد آصف صدر کي انڊونيشيا جي صدر جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي معاملو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.