اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ پاران گهٽ ترقي يافته مسلمان ملڪن ۾ هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فر??همي جي قدمن کي ساراهيندي افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم جي فر??همي تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين تعليمي خدمتن جي فر??همي جي آڇ ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي سائنسي ۽ فني تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڪامسٽ??ڪ ??ي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم فر??هم ڪري، رڪارڊ شده سبق ۽ تربيتي ڪورس افغان شاگردن کي تعليم فر??هم ڪر?? جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين تعليمي خدمتون پڻ پيش ڪري سگهي ٿو، انهن قدمن سان افغانستان کي درپيش تعليمي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ٻين اسلامي ملڪن ۾ سائنس ۽ زراعت جي شعبن ۾ بهترين طريقن کي ماڊل جي طور تي اخ??يا?? ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ ان جي نقل ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائم منسٽر ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتون فر??هم ڪرڻ ۽ روزگار حاصل ڪر?? جي قابل بڻائڻ جو هڪ ڪامياب ماڊل آهي، ڊيجي اسڪلز پروگرام کي ٻين مسلمان ملڪن ۾ نقل ڪري سگهجي ٿو. صدر قازقستان جي شاگردن کي 20 فيلوشپس/ اسڪالرشپس ڏي?? جي قدم کي ساراهيو. هن فلسطين جي شاگردن جي لاءِ 50 خصوصي اسڪالرشپس/ فيلوشپس جي قدم پڻ ساراهيو. صدر چيو ته 2023ع جي ٻئي حصي ۾ ڪامسٽ??ڪ ??ي 16 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي انعقاد جي تجويز تي غور ڪرڻ گهرجي. هن گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ شاگردن کي هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فر??همي جي لاءِ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ۾ ڪامسٽيڪ پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو.