اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فصلن جي انشورنس کي ملڪ ۾ غذائي ??حف?? سان گڏوگڏ آبادگارن جي مالي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري قرار ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي زرعي شعبي ۾ انشورنس ڪوريج جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ فصلن جي انشورنس جو ڪاٿو هڪ سيڪڙو کا?? به گهٽ آهي جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به فصلن جي انشورنس جي ڪوريج اٽڪل 4 کا?? 5 سيڪڙو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي انشورنس محتسب (ايف آئي او) جي اهتمام هيٺ فصلن جي انشورنس بابت هڪ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيا گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فصلن جي انشورنس ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن کي اعليٰ تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ??رڻ گهرجي ته جيئن شاگردن کي فصلن جي انشورنس جي اهميت، رسڪ مئنيجمينٽ ۽ فصلن جي جيتن جي حملي، سوڪهڙي ۽ انساني ساختا يا قدرتي آفتن جي ڪري پهچندڙ نقصانن کا?? آبادگارن کي بچائڻ بابت آگاهي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ اڳرائي ??رڻ گهرجي ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي ان نصاب کي تيار ۽ لاڳو ??رڻ گهرجي. صدر چيو ته پولٽري پاڪستان ۾ هڪ ترقي يافته شعبو آهي ۽ اهڙن باضابطا شعبن کي انشورنس اسڪيمن ۾ شامل ??رڻ جي لاءِ انشورنس مصنوعات متعارف ڪرائڻ گهرجن ۽ لاڳاپيل آبادي جي حوصلا افزائي ??رڻ گهرجي ته اهي انشورنس جي چونڊ ??رڻ جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪري پنهنجي صنعت جي ممڪن نقصانن کا?? ??حف?? فرهام ڪن. صدر زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن جي لاءِ جيڪڏهن گهٽ کا?? گهٽ سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي آهي پر وڌ کا?? وڌ فائدا حاصل ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جديد آبادگاري ۽ چوپايو مال پالڻ جي مهارتن کي اختيار ??رڻ سان پيداوار جي موجوده سطح کي ڪيترائي ڀيرا وڌائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان نه رڳو ملڪ کي خوراڪ جي ضرورتون پوريون ??رڻ ۾ مدد ملندي پر هو زرعي مصنوعات کي دنيا جي ٻين حصن ۾ برآمد ??رڻ جي قابل ٿي ويندو. صدر چيو ته سمورين انشورنس ڪمپنين ۽ ڌرين کي گهرجي ته اهي سمورن ميڊيا جي ذريعن جي ذريعي هڪ ٺوس ۽ موثر آگاهي مهم شروع ڪن ته جيئن لاڳاپيل عوام کي مصنواعت جاري ڪرڻ کا?? اڳ انهن جي مصنوعات، فائدن ۽ ان سان واڳيل خطرن بابت آگاهي ملي سگهي ۽ اهي ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي سگهن. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي اثرن کا?? سڀ کا?? وڌيڪ خطري ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي ۽ ان کي پاڻي جي کوٽ، گليشيئرز جي پگهڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي جهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪ کي هڪ ٺوس ۽ سوچي سمجهي خاتمي ۽ موافقت جي پاليسي ۽ لاڳو ??رڻ جو منصوبو تيار ??رڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار جي ذريعي کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کا?? محفوظ رکي سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ملڪ ۾ فصلن جي مجموعي صورتحال کي ڏسي رهي آهي ۽ انشورنس پورٽ فوليو ۾ غيرروايتي فصلن ۽ چوپائي مال کي شامل ??رڻ سميت آبادگارن جي سهولت لاءِ صارف دوست مصنوعات تيار ??رڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته اي ڊي بي متاثر آبادگارن کي پاليسي تي ٻڌل قرض ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون سان فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ 10 ملين ڊالر جي گرانٽ قائم ڪئي آهي. هن چيو ته بئنڪ پنهنجي پورٽ فوليو ۾ فصلن جي انشورنس کي به شامل ڪندي ته جيئن بحراني حالتن ۾ ڪمزور آبادگارن جو ??حف?? ڪري سگهجي. قومي انشورنس ڪمپني پاران ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 40 ملين رپين جي شروعاتي رقم سان گڏ هڪ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن چونڊ ڪيل زمين جي سروي ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن قدرتي يا انساني ساختا آفتن يا جيتن جي حملي جي ڪري فصلن جي پيداوار معمول کا?? 80 سيڪڙو کا?? گهٽ ٿئي ته لاڳاپيل آبادگارن جي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ان قدم کي ساراهيو ۽ ان پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ ڌرين کي شامل ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته لاڳاپيل عالمي ايجنسين وٽ ڪيترائي ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ فنڊز موجود آهن جن کي فصلن جي انشورنس جي منصوبن طرف موڙڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين کي عالمي / علائقائي سطح تي اهڙن فنڊز جي نشاندهي ??رڻ جي لاءِ خصوصي ۽ وقف ٿيل کاتا قائم ??رڻ گهرجن ۽ انهن کي فصلن جي انشورنس بابت پنهنجي مصنوعات طرف موڙڻ جي ڪوشش ??رڻ گهرجي. صدر سڄي ملڪ ۾ فصلن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي سيڪريٽريٽ سان گڏ قومي سطح تي هڪ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ??رڻ جي خيال کي پڻ ساراهيو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي فصلن جي انشورنس جي حوالي سان هڪ قومي پاليسي تيار ڪن.