اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ??ي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج ت??ام ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دائودي بوهرا برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي دائودي بوهرا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفدل سيف الدين جي نمائندي ڪوميل يونس جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته دائودي بوهرا برادري جي پاڪستان ??ي لاءِ ت??ام گهڻيون خدمتون آهن، دائودي بوهرا برادري هڪ پرامن جماعت آهي ۽ ان جا فلاحي جا ڪم متاثر ڪندڙ آهن. وزيرا??ظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ برداشت پاڪستان جي باني قائدا??ظم جا اهي پراڻا اصول هئا جيڪي پاڪستان جي بنياد جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسي انهن جي ئي مظهر آهي. هن چيو ته معاشري ۾ موجود عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بوهرا برادري جي ڪردار کي ساراهيو. هن دائودي بوهرا برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيرا??ظم کي پنهنجي سمورن منصوبن ۾ سولر توانائي جي استعمال بابت ٻڌايو جنهن جي صلاحيت 6 ميگاواٽ آهي، وزيرا??ظم انهن جي ان قدم کي ساراهيو.