اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها والاريل خطي ۾ انساني حقن جي سنگين خ??اف ورزين جي لاءِ ڀارت کي ج??ابده قرار ڏيڻ جي لاءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 27 آڪٽوبر 2022ع تي ڪشمير ??ي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هن سال 27 آڪٽوبر تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. اسان گذريل ساڍن 7 ڏهاڪن کان ڀارتي قابض فوج جي جاري ظلمن جي مذمت ڪندي خودمختياري ج?? حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پنهنجي ??شميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايون ٿا، ان ڏينهن پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ??شميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي ج?? منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿي. هن چيو ته بيگناهه ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن جي ??يترين ئي نسلن ڀارتي ڏاڍ، رتوڇاڻ ۽ تشدد کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير فوجي ??هيراءُ ۾ آهي ج??هن ۾ والاريل خطي ج?? ماڻهن جي بنيادي آزادين تي سخت پابندين سان وڌيڪ شدت آئي آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ??ارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان گذريل ٽن سالن ۾ صورتحال ڪافي خراب ٿي آهي ج??هن ڀارتي آئين تحت ڄمون ۽ ڪشمير ??ي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خ??اف ورزي ڪن ٿا جن ۾ چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير ??و حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ ڄمون ۽ ڪشمير ??ظهار جي آزادي تي بي مثال پابندين، فرضي مقابلن، گهيراءُ ۽ تلاشي جي ??اررواين، حراستي تشدد ۽ مارجڻ، جبري گمشدگين، سينيئر ڪشميري قيادت ۽ نوجوان ڇوڪرن کي نظربند ڪرڻ، پيلٽ گنز جي استعمال خاص طور تي ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻائڻ، ڪشميرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي لاءِ گهرن کي ساڙڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي ٻين طريقن جو نشانو بڻيل آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 690 کان وڌيڪ بيگناهه ڪشميري عدالت کان مٿانهون قتل ٿي چڪا آهن. صدر چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڄمون ۽ ڪشمير ??و تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خ??اف اميد جي ج??گ، خوف جي خ??اف همت ۽ ظلم جي خ??اف قرباني ج?? جنگ رهيو آهي. اسان جي ??شميري ڀائرن ۽ ڀينرن ظلم ۽ ڏاڍ جي بدترين شڪلين جو مقابلو ڪندي مثالي همت ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان انهن هزارين ڪشميرين جي رت جي قدر ڪريون ٿا جنهن ڀارت جي ناجائز قبضي کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.