سوات-30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ٻوڏ سبب سڀ کان وڏو مسئلو بلوچستان ۾ آهي جتي ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 4-4 فٽ پاڻي بيٺل آهي، خيمن جي وڌيڪ ضرورت آهي، پرڏيهي ملڪن ??ان ٽينٽ گُهرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، فوج طرفان به خيما فراهم ڪيا پيا وڃن، اين سي او سي جي طرز تي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو آهي جت?? امداد جي ڊيٽا گڏ ٿيندي. 2010ع جي ٻوڏ دوران به هتي اهڙي ئي تباهي آئي ۽ انهن ئي جاين تي تعميرات ڪرڻ جي اجازت ڏئي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو، ذميدارن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هو سوات جي دؤري جي موقعي تي متاثرن ۽ پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪانجو، سوات جي دؤرن جي موقعي تي ڪالام کان هيليڪاپٽرز ذريعي منتقل ڪيل متاثرن سان ملاقات ڪئي. ڪانجو ڪينٽ اي??دڙ متاثرن ۾ سياحن جون فيميليز پڻ شامل هيون. آرمي چيف ڪانجو ڪينٽ هيلي پيڊ تي ميڊيا جي نمائندن سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته ٻوڏ جي شديد نقصانن جي اسسمينٽ اڃا ٿيڻ باقي آهي، ٻوڏ سان وڏي پيماني تي ٿي??دڙ نقصانن جي اسسمينٽ لاءِ سروي ضلعي انتظاميه، صوبائي حڪومتون ۽ فوج گڏجي ڪري ڪنديون. هن چيو ڪالام ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، پل ۽ـ هوٽل وڌيڪ تباهه ٿيا آهن. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ به هتي اهڙي ئي تباهي ٿي ۽ ٻيهر انهن جاين تي تعميرات ڪرڻ جي اجازت ڏئي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو، ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي هئڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت سڀ کان ضروري ڪالام روڊ کولڻ آهي، اميد آهي 6 کان 7 ڏينهن ۾ روڊ کوليو ويندو، ڪالام ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي، ڪالام ۾ هاڻ تائين بحران جي صورتحال ناهي. هن وقت مختلف فلاحي ادارن سياسي جماعتن ۽ پاڪستان جي فوج پنهنجا رليف سينٽر کوليا آهن، اين سي او سي جي طرز تي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو آهي جت?? امداد جي ڊيٽا گڏ ٿيندي، هيڊ ڪوارٽر ??ان رٿابندي ۽ سڌارن واري وزارت جتي چاهيندي ات?? امداد پهچائي ويندي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته ماڻهن جو ريسپانس سٺو اچي رهيو آهي، ڪيترائي ٽن راشن گڏ ٿي رهيو آهي، خيمن جو مسئلو ٿيندو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته يو اي اي، ترڪي ۽ چ??ن کان امدادي سا??ان جون اُڏامون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. سعودي عرب ۽ قطر کان پڻ اُڏامون اچڻ شروع ٿي وينديون. دوست ملڪن پاڪستان کي مصيبت ۾ ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، انشاءَ الله آئينده به اڪيلو نه ڇڏيندا. هن چيو ته پاڪستانين خاص ڪري پرڏيهه ۾ ره??دڙ پاڪستانين جو ريسپانس تمام سٺو آهي، اسان کي متاثرن کي گهر اُڏائي ڏيڻا پوندا، اسان انشاءَ الله متاثرن کي پري فيب گهر بڻائي ڏينداسين، هتي ايڏو مسئلو ناهي.