حيدرآباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصاري 5 آگسٽ تي ??ار?? پاران غيرقانوني طور تي وا??ار??ل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ??ار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ وا??ار??ل ڪشمير جي معصوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ملڪ جي ٻين سي??سي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ??ار??ي ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي ??را??دادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڪشمير مسئلي کي سدائين گڏيل قومن سميت سمورن فورمن تي اجاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي 5 آگسٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ??ار?? جي وا??ار??ل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.