اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آهي، اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ چين دوستي جو آغاز ٿيو، اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪ??تا?? جي ??ندر اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم جي ??صوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي ??وري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تا??يخ جو ڏينهن آهي، پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ان لاءِ به خاص اهميت رکندڙ آهن ته اهي ٻنهي ملڪن جي ??وام سان شروع ٿيندا آهن، ٻنهي ملڪن جي ??وام محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، هن چيو ته جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪ??تا?? ۾ ايندو آهي ته اسان کي يقين هوندو آهي ته اهو اسان جي فائدي لاءِ هوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اهڙا واقعا پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ان واقعي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ته وزيراعظم شهباز شريف سڀئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آهي، هتي ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي سدائين لاءِ پاڪ چين دوستي کي لازوال رشتي ۾ جوڙيندا آهن، اطلاعات واري وفاقي وزير ان تا??يخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي ??وام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي مستقل خواهش آهي ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي ??شتي کي نئين بلندين تا??ين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.