اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ڪيترن ئي ع??ائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسع البنياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مذهب، گڏيل قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خ??اه?? جو اظهار ڪيو ويو. صدر چيو ته سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي ع??ائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿ??، هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسيع النبياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وا??ار?? لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وا??ار??ن ۽ چيمبرز آف ڪامرس کي گڏيل وا??ار?? لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ باقاعدگي سان ڳالهيون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي صدر خادم حرمين شريفين لاءِ نيڪ خ??اه??ن جو پيغام به ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني ع??ام سندس بهتر صحت ۽ وڏي ع??ر لاءِ دعاڳو آهي.