اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گذريل ڇهن هفتن کان آئين ??ان جيڪو مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاقي ڪابينا واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قب??ل نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئيني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان ??ان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته گذريل ڇهن ستن هفتن کان پاڪستان جي آئين ??ان ڪجهه آئيني عهديدار جهڙي طرح جو سلوڪ ڪري رهيا آهن ان تي پاڪستان جي اعليٰ عدالتن بي مثال فيصلا جاري ڪيا، حڪومتون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن پر اهڙي صورتحال ڪڏهن پيدا ناهي ٿي، بدقسمتي ??ان هن ڀيري هڪ روش اختيار ڪئي وئي آهي ته هر شيءَ قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اڄ ڪابينا پنجاب جي گورنر جي م??ام??ي تي تفصيلي غور ڪيو، ڪابينا ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي آهي، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ (ف)، ايم ڪيوا يم، بي اين پي، اي اين پي، مسلم ليگ (ن) سميت سمورين پارٽين ان م??ام??ي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي خدشن جو اظهار ڪيو ته و??ير??عظم جي آئيني ايڊوائيس جيڪا آرٽيڪل 101 ۽ آرٽيڪل 48 جي تابع آهي، صدر ان تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ جي لاءِ و??ير??عظم شهباز شريف جي موڪليل ايڊوائيس جي توثيق ڪئي ۽ ان جي منظوري ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي آئين تحت حاڪميت الله تعاليٰ جي آهي ۽ رياست پاڪستان جا حڪومتي ۽ رياستي م??ام??ا عوام جي چونڊيل نمائندن کي و??ير??عظم ۽ ڪابينا تحت استعمال ڪرڻا هوندا آهن. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قب??ل نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئيني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئيني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اهو به طئي ٿيو ته ان م??ام??ي تي قومي اسيمبلي ۾ به بحث ڪيو ويندو ۽ سموريون پارٽيون ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪنديون، ان حوالي ??ان قومي اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد پڻ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪابينا و??ير??عظم جي فيصلن جي پاڪستان جي آئين تحت نه رڳو توثيق ڪئي پر پنجاب ۽ مرڪز ۾ خاص طور تي پنجاب جي گورنر ۽ صدر جهڙي طرح آئين جي حوالي ??ان پنهنجي اختيارن جو نه رڳو ناجائز استعمال ڪيو پر آئين شڪني جا مرتڪب ٿيا ان جي لاءِ به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت جاري آهي، ان جي لاءِ قانوني ۽ سياسي مشاورتي عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي.