اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته سينيئر صحافي خالد هميد فاروقي جي لاڏاڻي تي ??مام گهڻو ڏک ٿيو، خالد حميد فاروقي سنجيده طبيعت ۽ اعليٰ صحافتي معيار رکندڙ صحافي هو، هو يورپ مان پاڪستاني صحافي طور مشهور هو، تازي يوڪرين جنگ ۾ به هن هڪ نئين صحافتي ??اريخ لکي هئي. هن چ??و ته مرحوم هڪ تمام سٺو ۽ محنتي ??نسان، قابل ۽ باخبر صحافي هو. اطلاعات واري وفاقي مريم اورنگزيب وزير خالد حميد فاروقي مرحوم جي صحافتي ??دمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.