اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب ليجنڊري فنڪار م??ين اختر جي 11 هين ورسيءَ تي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته معين اختر م??حوم هڪ باڪمال فنڪار ۽ ٻين جي ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ انتهائي نفيس انسان هو، سنجيده يا مزاحيه هر ڪردار ائين نڀايو ج?? ان ??ي مداحن جي ذهن ۽ دل ۾ ا?? به زندهه آهي. هن چيو ته ميزباني سان ??داڪاري ۽ گلوڪاري، تصنيف کان پروڊڪشن ۽ هدايتڪاري تائين فن جي هر شعبي ۾ هن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو، ڪردار ۾ معين اختر کي گم ڪري ڇڏيندڙ معين اختر اسان ??ي يادن مان ??ه ڪڏهن به گم نه ٿيندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين ۽ مداحن کي صبر جميل ڏي.