اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي حڪمن جون ڌڄيون ا??ائ??ندڙ چون ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ ج??هن آئين شڪني ٿيندي ته عدالتون ته کلنديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان فسطائيت ۽ آئين شڪني ڇڏي، پارليام??نٽ کي اغوا ڪندڙ نه بڻجي، اڳ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليام??نٽ کي يرغمال بڻائي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته عدالتون ڇو ٿيون کلن؟ هن چيو ته آئين شڪني تي عدالتون کلن ته عمران صاحب سازش جا ڪوڙ ڳالهائڻ لڳي ٿو، آئين شڪن ٽولي کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀلي پوري پي ٽي آءِ بيمار پئجي وڃي حمزه شهباز حلف ضرور کڻندو.