اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ??يل??فون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير وزيراعظم شهباز شريف ک?? وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ ??اڪ??تان قطر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن قطر ??اڪ??تان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور ت?? وزيراعظم ??اڪ??تان ۽ قطر جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ??اڪ??تاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ قطر جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ انساني امداد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيراعظم قطر جي امير کي جلد ??اڪ??تان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ ??اڪ??تان قطر لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.