اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف ??ختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 26.5 ڪلوميٽر ان ميٽرو بس منصوبي سان جاڙن شهرن کانسواءِ ٻين شهرن مان ايندڙ هزارين شهري پڻ فائدو کڻندا. تقريب ۾ ??رڪ??ءَ جي سفير کانسواءِ چيني سفارتخاني جو ڊپٽي هيڊ آف مشن پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ سنڀاليندي ئي ميٽرو بس منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.