اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي س??ڪر??ٽري ناهيد دراني ۽ وائ??س چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪر??، اداري جي سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ جو اداري ۾ گڊ گورننس ??قي??ي بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن ??يو ته مارڪيٽ کان بهترين ماڻهن ??ي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ تي به زور ڏنو.