اسلام آباد – 21 – مارچ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊپٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي پرڏي??ي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ ملاقات ڪئي. پرڏي??ي وزير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بوسنيا جي پرڏي??ي وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوسنيا ۽ هرزيگوينا سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏي??ي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ پنهنجي ملڪ جي تا??ه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي عوام جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي.