اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي ??حالي ۽ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي ??هميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لا??اپن تي زور ڏيندي ازبڪستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ??مورن شعبن ۾ لا??اپا قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي ??زم جو اظهار ??يو. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزيوف جي پاڪستان جي ??وري جو منتظر آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ??يندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي ??و سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي ??هميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني بحران جي ??اتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وزيراعظم لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي ??حالي ??ي اهميت تي زور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم سردور عمرزاڪوف وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.