??يص?? آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گوجرانوالا ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد فيض الحسن شاهه، حاجي امتياز احمد چوڌري?? چوڌري شوڪت علي ڀٽي ۽ وجيهه اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان محمد اختر حيات?? چوڌري لياقت علي، محمد ارشد چوڌري، محمد اخلاق، محمد طارق تارڙ، گلريز افضل گوندل ۽ محمد احمد چٽه به شريڪ ??يا?? اجلاس ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ ترق??ات?? منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوام جي مسئلن جي جلد کان جلد حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪن، وزيراعظم کين ايندڙ بلد??ات?? چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.