پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي م??صو??ن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضل??ن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن لاءِ سالياني ترقياتي بجيٽ کي وڌائي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي وڌي، حڪومت عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقا?? ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير، خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير، صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا عهديدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي م??صو??ن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضل??ن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ضم ٿيل ضل??ن جي سالياني ترقياتي بجيٽ کي 2018ع جي 24ا رب جي سطح کان وڌائي هلندڙ سال 54 ارب روپيا ڪيو، هن چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. حڪوم?? مهانگائي جي اثرن کي ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري چڪي، جلد سياحتي ماڳن جي ترقي لاءِ م??صو??ا شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ، ضروري شين تي مستحق خاندانن کي رعايت، تعليمي سهولتن ۾ بهتري حڪومت جي فلاحي رياست جي قيام جي واعدي جي تڪميل جو سنگ ميل آهي. ملاقات ۾ حڪومت صوبي ۾ عوامي ڀلائي جي م??صو??ن ۽ جاري ترقياتي م??صو??ن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت تاريخي م??صو??و شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، 20 ارب جي لاڳت سان م??صو??ي بجلي جي پهچ واري نظام ۾ جدت ۽ بهتري آڻيندو، صوبائي سطح تي سستي بجلي جي م??صو??ن ۽ گهٽ اگهن تي آف گرڊ فراهمي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستانت حريڪ انصاف جي گذريل حڪومتي دور وانگر ڏورانهن عائقن ۾ پن بجي جا ننڍا م??صو??ا شروع ڪيا پيا وڃن، انهن م??صو??ن سان انهن ڏورانهن علائقن ۾ به سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي، جتي ٽرانسميشن لائن موجود نه آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چشمه رائٽ بئنڪ ڪنال جو م??صو??و به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، م??صو??ي جي تڪميل سان لکين ايڪڙ زرعي زمين کي پوکي جي قابل بڻائي سگهجي ٿي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رشڪئي صنعتي زون مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آهي، حڪومت 6 وڏن صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ روزگار جي فراهمي ۽ ملڪي آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ لاءِ خيبرپختونخوا ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ مستحق خاندانن ۾ احساس راشن رعايت پروگرام جي ورهاست جو آغاز ٿي چڪو آهي، ڪارڊ تحت خيبرپختونخوا جا مسحتق خاندانن کي هر مهيني ضروري شين تي هڪ هزار روپين تائين جي رعايت ڏني ويندي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضل??ن ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اجلاس کي خيبرپختونخوا ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ شروع ڪيل م??صو??ن ۽ اهم شاهراهن ۽ رابطا رستن جي تعمير تي اڳڀرائي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ترقياتي م??صو??ن جو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ يقيني بڻائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي م??صو??ن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هداي?? ڪئي.