اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي وا??ار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گناورڌني ۽ علائقائي تعاون جي رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻي رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ وا??ار، سيڙپڪاري، سياحت، زراعت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موج??د آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ وا??ار، سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڪيترائي معاهدا موج??د آهن، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان، سارڪ فورم جي حوالي سان به سريلنڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ وا??عي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان وا??عي جي ذميدارن کي قرار وا??عي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران کنيل قد??ن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر بندولا گناورڌني حڪومت پاڪستان پاران سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي خاطري ۽ معاوضي جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال فيبروري 2021ع ۾ وزيراعظم سان سريلنڪا جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير پاڪستان سريلنڪا جي وچ ۾ آزاداڻي وا??اري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ٻطرفي وا??اري تعاون جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان علائقائي امن، ترقي، حصيداري ۽ رابطن جي فروغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، وا??اري چيمبرز جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقاتن جي فروغ تي اتفاق ۽ علائقائي ۽ عالمي فور??ن جي سمورن سطحن تي تعاون جي ذريعي علائقائي امن، ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر گناورڌنا سريلنڪا جي وا??اري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.