اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان للا کا?? جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ، منص??بي جو پهريون فيز للا انٽرچينج کان پنڊ ??ادن خان ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ هلندڙ سال جون ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ ۾ منص??بي جي لاءِ فنڊز رکڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت لاهور جي دوري دوران پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم کي للا کا?? جهلم ڊوئل ڪيرج وي منص??بي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم للا کا?? جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ جڏهن ته منص??بي جو پهريون فيز انٽرچينج (ايم 2) کان پنڊ ??ادن خان (تعلقو پنڊ ??ادن خان) ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ (تعلقو جهلم) هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منص??بي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم منص??بي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ منص??بي کي عملي شڪل ڏيڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جا پنجاب جي ترقياتي فنڊز ۾ للا کا?? جهلم ڊوئل ڪيرج وي جي تعمير لاءِ فنڊز رکڻ ۽ منص??بي ۾ خصوصي دلچسپي ??ٺڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.