اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لا??اپ?? کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلا?? جي موقعي تي صوماليه جي پنهنجي هم منصب عبدالسعيد موسي علي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لا??اپ??، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لا??اپ?? کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته عوامي سطح تي ٺوس رابطا ٻطرفن لا??اپ?? جي استحڪام جي لاءِ لازمي آهن، هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ صومالي شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت کي حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان نادرا جي ذريعي صوماليه جي قومي ڊيٽا بي?? جي قيام سان گڏوگڏ فوجي تربيتي ڪورسز ۾ پڻ معاونت جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسان صوماليه سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. صوماليه جي پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلا?? جي اعليٰ انتظامن کي ساراهيندي ??رخ??وص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي جا ٿورا مڃيا.