فيصل آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ??اءِ سدائين کان ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران ??ان جي ??يزن موجب حڪومتي پاليسين جو رخ نظرانداز ٿيل ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن طرف موڙي ڇڏيو آهي، جن کي تمام جلد ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ذريعي بهترين سموريون ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون. سبزي منڊي سدهار جي دوري ۽ انجمن تاجران ??بزي منڊي سدهار ??يصل آباد جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي خطاب ۾ هن چيو ته حڪومت اخوت ۽ ٻين اين جي اوز جي حصيداري سان ??ڳ ۾ ئي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ بنا وياج ۽ آسان قسطن تي قرض ڏئي رهي آهي جيڪي 15 کان 20 سالن جي اندر واپس ڪرڻا پوندا. هن چيو ته گهٽ آمدني وارا ماڻهو سڄي زندگي گهرن جو ڪرايو ڏيندا رهندا هئا پر گهر پوءِ انهن جا پنهنجا نه ٿيندا هئا جڏهن ته هاڻي حڪومت جي ??اليسي جي ڪري اهي گهر جي ڪرايي جي برابر قسطن ۾ قرض واپس ڪري پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي سگهندا، اهڙي طرح حڪومت ننڍي ڪاروبارن جي ??اءِ بنا وياج ۽ بنا گارنٽي جي 5 لک رپين تائين جا قرض ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب ماڻهن جي ڊيٽا نادرا سسٽم سان ??وڙي وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ريبن جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ هن سال جي آخر تائين پنجاب جي ??ر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي ويندو ۽ اهي پنهنجي ??سند جي ڪنهن به اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان ??اليانو 10 لک رپين تائين طبي علاج جا حقدار ??وندا. مقامي مسئلن بابت هن سبزي منڊي سدهار جي شيڊ ۽ رستن جي ??وري تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ روغن جي ??اءِ 10 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته ان پراجيڪٽ جا ٽينڊر ايندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته سبزي منڊي سدهار کي جهنگ روڊ سان ڳنڍيندڙ سيم نالي سان گڏ رستا به تمام جلد ٻيهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته حڪومت ”ميل آن ويل“ متعارف ڪراڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد جي ??اءِ احساس پروگرام تحت هڪ ئي ماڊل جا ٺيلها ڏنا ويندا. فرخ حبيب چيو ته حڪومت سبزي منڊي سدهار کي هڪ مثالي منڊي بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي ڇو ته هي منڊي نه رڳو هزارين ماڻهن کي باعزت روزگار ??راهم ڪري رهي آهي پر ڀرپاسي وارن ضلعن کي ميون ۽ ڀاڄين جي ??راهمي کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته هتي سيلاني لنگر پڻ متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن غريب مزدورن ۽ پورهيتن کي مفت کاڌو کارائي سگهجي. هن چيو ته عمران ??ان ??و مقصد ڪاروبار کي فروغ ڏئي غربت کي ختم ڪرڻ آهي تنهن ڪري ان ??لسلي ۾ انهن ماڻهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جيڪي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهين ٿا. هن مارڪيٽ ڪميٽي سبزي منڊي سدهار جي انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد کي هدايت ڪئي ته اهي انجمن تاجران ??ي چونڊيل نمائندن سان گڏ ويهي انهن جي حقيقي مسئلن کي اولين ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان کان ??ڳ انجمن تاجران ??بزي منڊي جي صدر ميان ??امر حنيف اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي ڀليڪار ڪيو ۽ سبزي منڊي سدهار جي بنيادي مسئلن تي روشني وڌي. هن مزدورن ۽ پورهيتن کي در??يش مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت انهن جي ??سئلن جي جلد حل جي ??اءِ سمورن ممڪن قدمن کي يقيني بڻائيندي. بعد ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب مارڪيٽ جي ??ختلف حصن جو دورو پڻ ڪيو.