اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪ??ي افغانستان مان عالمي صحافين ک?? نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عالمي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. افغانستان ۾ عالمي ميڊيا جي ميمبرن ک?? نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ عالمي صحافين ج?? نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ ج??ڳو آهي.