اسلام آب??د – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ??رچ??ئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي (سي ??ي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪمپني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ??يل) جي نجڪاري تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ??رچ??ئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو بابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نجڪاري جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي، ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي ۽ سي ??ي سي ??ي فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو.