اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ??ما??ت جي عزم کي ورجايو آهي. هن ان عزم ج?? ورجاءُ فلسطين جي صدر محمود عباس ??ان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان فلسطيني صدر ??ان فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مسجد اقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين تي حملن ۽ غزه ۾ اسرائيل پاران فضائي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري مارجي ويا. وزيراعظم فلسطيني صدر کي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اهڙ?? طرح جي خلاف ورزين جي خلاف عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو يقين ڏياريو.