اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو، سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پاسي رکندي ماڻهن جي ??هنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وزيراعظم کي ڪورونا ويڪسين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان سڀ وزيراعظم ۽ خاتون اول جي ??حتيابي لاءِ دعاگو آهيون، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئي ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثرين جي ??رح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ماڻهن جو روزگار ۽ زندگيون محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ويڪسين جي ??ستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي ??اتمي لاءِ نظم ۽ ضبط سان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر جي ??حريڪ ان لاءِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.