اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آهي، هندستان پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ا??ان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا چار وڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برادري ??ان نائين اليون کانپوءِ تمام وڏو ظلم ٿيو آهي، هزاره برادري مڇ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئ??ٽا ايندس، مڇ سانحي جي متاثرين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، لاشن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد ??ان جوڙڻ جو شرط مناسب نه آهي، اهڙي طرح ڪرپشن ڪندڙ داڙيلن جو ٽولو به بليڪ ميل ڪندو، آءِ ٽي جي شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، روزگا?? جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. هو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو ه??.