لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ??ه علائقائي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات وار?? وزارت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي ??هي. اخبارون حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ذريعي صحيح معلوم عوام تائين پهچائي سگهن ٿيون. پريس جي التوا هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان ريفارمز پئڪيج متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ريجنل ميڊيا جا پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن پي آءِ ڊي آفيس لاه??ر جو دورو ڪيو ته جيئن علائقائي پريس جي بنيادي مسئلن کان آگاهي ??اصل ڪري سگهجي.