سرينگر – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين پاران ڪالهه 27 آڪٽوبر کي ڀارت پاران پنهنجي ملڪ تي 73 ??ال?? کان جاري غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ ڪاري ڏينهن ??و?? ملهايو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پوري والاريل علائقي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي. سموريون سرڪاري ۽ نجي آفيسون، دڪان ۽ واپاري مر??ز بند رهيا جڏهن ??ه رستن تي ٽريفڪ جي گهٽ اچ وڃ رهي. نوهٽه ۽ سرينگر جي ٻين علائقن ۾ پاڪستان جي نقشي وارا پوسٽر جن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو هو ۽ پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪايا ويا ۽ آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.