اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ سان ??يل ۽ گئس جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عمر ا??وب خان، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سي??ري??ري اجلاس ک?? ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان ??فصيلي بريفنگ ڏني.