اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته ??ڀا??ي کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون بح??ل ٿي وينديون ۽ ٽي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بح??ل ٿي ويندو، ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ڪورونا جي خلاف حفاظتي تدبيرن سميت ماسڪ جي استعمال تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ اڏامون جاري ڪرڻ، ٽي سي پي طرفان درآمد ڪيل ڪڻڪ جي حوالي سان پري شپمينٽ ايجنسين کي پري شپمنٽ انسپيڪشن جي هڪڙو ڀيرو ۽ افغانستان جي حوالي سان تجويز ڪيل ويزا پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي مالي سال 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع ۾ حڪومتي قرضن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو وي?? ته موجوده حڪومت کي ٽي کرب روپين جو قرض ورثي ۾ مليو، جنهن جون قسطون ادا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپ??ي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي وڌيڪ قرض وٺڻا پيا.