اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ تعمير??ت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ اوورسي?? پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظ??ار ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، ان سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ رقم موڪلڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ا??ل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.