اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغان قومي مفاهمت بات اعليٰ سطحيِ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ٽيلي فون تي ڳ??لهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي پاڪستان جي افغانستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ٽيليفون تي ڳ??لهائيندي وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جن جو بنياد مذهب، ثقافت، تاريخ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجهي رابطن تي آهي، جي اهميت اجاگر ڪندي هر شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي ضرور?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.