اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين، هائوسنگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ??يو?? وزيراعظم صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪميشن جوڙين ته جيئن پٺتي پ??ل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي و??ڇ ممڪن ٿي سگهي، وفاقي ڪابينا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا ويا جن مان 1579 تي ??مل??رآمد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي ??مل??رامد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا ??مل??رآمد جي عمل هيٺ آهن، ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته وفاقي و??ير سينيٽر اعظم سواتي جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون سفارشون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جيڪي وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، ڀاڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اهم فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن جي پ??نشن ۽ حج جي حوالي سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.