ا??لا?? آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪر?? ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪ??اڪن ۾ 2 هزار 980 پازيٽو ڪيسز رپورٽ ٿيا، هڪ لک 40 هزار 965 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا، ٽي ٽي ڪيو حڪمت عملي تحت 30 شهرن ۾ وقت سر هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي، انهن علائقن ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون عوام جي صحت کي يقيني بڻائيندو. اين سي او سي موجب صحت جي ماهرن جو م??لا??_فادر/116970.html">?ور?? آهي ته جيئن ته عوام گذريل 4 کان 6 هفتن ۽ خاص طور تي عيدالفطر جي موقعي تي معاشرتي فاصلي، ماسڪ جي استعمال سميت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو اهڙي طرح عيدالاضحيٰ دوران به اهڙو ئي تعاون جاري رکي، ان سان انتظاميا کي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪورونا وائرس جي ڪري گذريل 24 ڪ??اڪن ۾ 83 ماڻهو فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪ??اڪن ۾ 21 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ سنڌ جا 9 هزار 317، پنجاب جا 7 هزار 659، خيبرپختونخواهه جا 2017، ا??لا?? آباد جا 2078، بلوچستان جا 505، گلگت بلتستان جا 2 ۽ آزاد ڪشمير جا 293 ٽيسٽ شامل آهن.