اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف عل??ي چيو ??هي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شر?? ايشيا ج?? ٻين ملڪن کان وڌيڪ ??هي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڇاتي جي ڪينسر سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن جنهن جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳالهه بيگم ثمينه عارف عل??ي اسلام آباد ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مرض جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشان ??هي ته جيئن عورتن جي جان بچائي سگهجي ڇو ته بروقت مرض جو عل?? هجڻ سان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوندا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيندا آهن جنهن ۾ اڪثريت کي بچائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻي پوندي.