اسلام آباد – 06 ن??مبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مو??انا فضل الرحمان جو راتوڪو خطاب پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کان دلبرداشته رويي ۽ مايوسين جو اظهار هو، پهرين ڏينهن چيو هو ته اهي ماڻهو پاڻ ۾ سچا نه آهن ته قوم سان ڪهڙي وفا ڪندا. چونڊن ۾ رد ٿيندڙ جٿن جي صورت ۾ حقيقي عوامي مينڊيٽ جي توهين نه ڪن نه وري جمهوري نظام تي حملا آور ٿين، سياسي اڪيلائپ جو شڪار مو??انا ذاتي مفادن جي عينڪ لاهي ڏسي ته خبر پئجي ويندي ته پاڪستان اڪيلائي جو شڪار نه آهي.