ڪراچي – 04 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو و??و آهي، اعليٰ عدليه جي ججن، پاڪ فوج ۽ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪيون ويون آهن، حڪومت ان کي نظرانداز نه ڪندي، ڌرڻن ۽ مظاهرن دوران جن ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي انهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي احتساب جي لاءِ مينڊيٽ مليو آهي، احتساب تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي، نالا کڻڻ کانسواءِ جڏهن چيو وڃي ٿو ته چورن ۽ ڦورن کي جيلن ۾ وڌو و??ندو ته ڪجهه ماڻهو ناراض ٿي وڃن ٿا، عوام وزيراعظم عمران خان تي اعتماد ڪري ٿي، خيبرپختونخواهه و??نگ?? هاڻي سنڌ ۾ به منفي سياست جو خاتمو ڪيو و??ندو، ڪراچي جي عوام کي پاڻي جو وڏو مسئلو درپيش آهي، وفاقي حڪومت ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.